SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


شاهه جا سر


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

شاهه جا سر

(Melodies of Shah)

شاهه جي رسالي ۾ استعمال ٿيل لفظ ”سر“ جي معنيٰ تي غور ڪبو ته ان جون ٻه معنائون نڪرنديون. هڪ ”راڳ“ يا مؤسيقي ۽ ٻيو ”داستان“ يا سرود/سر. رسالي جو هر داستان ڪنهن نه ڪنهن سُر سان شروع ٿئي ٿو. جتي جتي به عنوان ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي ته اتي ان راڳ يا راڳڻيءَ جو نالو اچي ٿو مثلاَ سُر سريراڳ، سر ڪلياڻ يا سر ڪيڏارو ۽ جنهن هنڌ به عنوان ڪنهن خاص ڪهاڻي، واقعي يا تاثر سان لاڳاپو رکي ٿو اتي اُن کي انهيءَ سر سان لاڳاپيو ويو آهي. شاهه جي اڪثر رسالن ۾ 30 سر ڪم آندل آهن، جيڪي هيٺيان آهن: (1) سر ڪلياڻ، (2) سر يمن ڪلياڻ، (3) سر کنڀات، (4) سر سريراڳ (ٻيڙين ۽ پيڙن جو ذڪر)، (5) سر سامونڊي (وڻجارن جو ذڪر)، (7) سر سهڻي، (8) سر سسئي آبري، (9) سر معذوري، (10) سر ديسي، (11) سر ڪوهياري، (12) سر حسيني، (13) سر ليلان چنيسر، (14) سر مومل راڻو، (15) سر مارئي، (16) سر گهاتو (مورڙي ميربحر ۽ مانگر مڇ جو ذڪر)، (17) سر ڪاموڏ (نوري ڄام تماچيءَ جو ذڪر)، (18) سر ڪيڏارو، (19) سر سورٺ، (20) سر آسا، (21) سر سارنگ، (22) سر کاهوڙي، (23) سر رپ، (24) سر رامڪلي (جوڳين، ڪاپڙين ۽ سنياسين جو ذڪر)، (25) سر بروو سنڌي، (26) سر ڪاپائتي، (27) سر پورب، (28) سر ڪارايل (پکين جو ذڪر)، (27) سر پرڀاتي، (28) سر ڏهر، (29) سر بلاول. ڪجهه رسالن ۾ 36 سُر آهن، جن ۾ بيراڳ هندي، شينهن ڪيڏارو، هير رانجهو، ڍول مارو، بسنت بهار شامل آهن.


Remember Me Also:

مسخري

مَسخِرِي جمع مَسخِريُون

ث . کِلَ، چرچو، ڀوڳ، گهَٻو، مذاق، مشڪري، تماشو، مزو، رؤنشو، وندر. چٿر، ٽوڪ، ٺٺولي، ٽوڪزني.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal